![bisharatul asad 1 شامي باغين پاران صدر بشارالاسد جو تختو اونڌو ڪرڻ جي دعويٰ، صدر بشارالاسد جي ملڪ مان ڀڄي وڃڻ جا اطلاع](https://thetimenews.tv/wp-content/uploads/2024/12/bisharatul-asad-1-696x452.png)
شام جو صدر بشار الاسد ملڪ مان فرار، دمشق تي باغين جو قبضو، هزارين ماڻهن جو مرڪزي چوڪ تي جشن، آزادي جا نعرا، شام ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب سوين پاڪستاني زائرين ڦاسي پيا، شامي باغين جو سرڪاري ٽي وي تي فتح جو اعلان، سمورن قيدين لاءِ عام معافي جو به اعلان، پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب شامي فوج جي ڪمان آفيسرن کي اطلاع ڏنو ويو آهي ته باغين جي حملي بعد صدر بشار الاسد جي حڪومت ختم ٿي وئي آهي، شامي باغين جو چوڻ آهي ته دمشق هاڻي اسد کان آزاد آهي، فوج جي ٻن سينيئر آفيسرز موجب بشار الاسد دمشق کان ڪنهن ٻئي هنڌ روانو ٿي ويو، هزارين ماڻهن گاڏين ۽ پيادل دمشق جي مرڪزي چوڪ تي گڏ ٿي آزادي جا نعرا هنيا، باغي گروپ تحرير الشام مليشيا جي سربراهه ابو محمد الجولاني پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پر امن طريقي سان اڳوڻي وزيراعظم محمد غازي الجلالي سمورا ادارا هلائيندو، بشار الاسد جي حڪومت جي خاتمي بعد الاسد خاندان جي 50 سالن کان هلندڙ حڪومت ختم ٿي وئي، بشار الاسد کي اقتدار پنهنجي فوجي والد کان وراثت ۾ مليو جيڪو 1971 کان جون 2002ع ۾ پنهنجي موت تائين اقتدار ۾ رهيو.