سمورن انقلابين ۽ شام جي فاتحن کي سوا لک واڌايون هجن، جو آمريڪا بهادر اُنهن جي “غازي سلطان صلاح الدين ايوبي” چوٿون، احمد الشرع ابو محمد الجولاني جي سِر جي رکيل 10 لک ملين ڊالر قيمت منسوخ ڪري ڇڏي آهي. اڄ يا سُڀاڻي اهو ٿيڻو ئي هو، ان کان سواءِ الجولاني ۽ محمد البشير کي انهن اڪائونٽس تائين رسائي نه ملي ها، جيڪي آمريڪا سال 2017ع ۾ منجمد ڪري ڇڏيا هئا. چيو وڃي ٿو ته، اهي اربين ڊالرن جا اڪائونٽ ترڪيه ۽ اردن جي بينڪن ۾ آهن.
دمشق شام مان ٻي خبر اها آهي ته، گذريل ڏينهن حرم (مزار) بي بي سيده رقيه سلام الله عليها جي مسجد جي خطيب حُجته الاسلام سيد دائود بيطرف کي هٿياربند ماڻهن شهيد ڪري ڇڏيو آهي. شام تي قبضو ڪندڙ “هئيت التحرير الشام” جي ترجمان جو چوڻ آهي ته، ان قتل سان هئيت يا عبوري حڪومت جو ڪو به تعلق ڪونهي، اها ڪنهن شخص جي انفرادي ڪارروائي ٿي سگهي ٿي. في الحال ان وضاحت کي مڃي وٺڻ کان سواءِ ڪو به ٻيو چارو هرگز ناهي، البته ان تلخ حقيقت کي نطرانداز نٿو ڪري سگهجي ته ترڪيه، اسرائيل ۽ آمريڪا جي تعاون سان ڪامياب ٿيل بغاوت جي فاتحين ۾ موجود غير مقامي ويڙهاڪ (ترڪيه، ازبڪ، چيني مسلم، ايراني بلوچ ۽ پاڪستاني به شامل آهن) جيئن ته نِج فرقيواراڻن جذبن سان بشارالاسد مخالف لشڪر ۾ شامل ٿيا هئا، ان ڪري ايندڙ ڏينهن ۾ سيد دائود بيطرف وانگر ٻيا ماڻهو به فرقيواراڻي تشدد جو شڪار ٿي سگهن ٿا. ٻي اهم ڳالهه ترڪيه جي پرڏيهي وزارت جو اهو نئون موقف آهي ته، جيڪڏهن شام ۾ جُڙندڙ نگران عبوري حڪومت شامي حدن ۾ آزاد ڪردستان تحريڪ سان لاڳاپيل ماڻهن خلاف تُرت ڪارروائي نه ڪئي ته ترڪيه پنهنجي قومي سلامتيءَ کي يقيني بنائڻ لاءِ ترڪيه سان ملندڙ شامي حدن ۾ رهندڙ ڪُردن خلاف ڪارروائيءَ جو حق استعمال ڪندو.
ترڪيه- ڪُرد تڪرار ڪنهن کان لڪل ڪونهي. ڪُرد ٻن عرب ۽ ٻن غير عرب ملڪن ۾ آباد آهن. عرب ملڪن ۾ عراق ۽ شام، جڏهن ته غير عرب ملڪن ۾ ترڪيه ۽ ايران شامل آهن. ماضيءَ ۾ ۽ هاڻوڪن ڏينهن ۾ ڪُردن خلاف سڀ کان پرتشدد رياستي ڪارروائي ترڪيه ئي ڪئي هئي. ايران ۾ صدام ۽ شام ۾ حافظ الاسد مرحوم ۽ بشارالاسد دور ۾ ڪُردن خلاف رياستي ڪارروايون ٿيون. چئن مسلمان ملڪن ۾ ورهايل ڪُرد آباديءَ جون ٻه فعال هٿياربند تنظيمون آزاد ڪُردستان قائم ڪرڻ لاءِ گذريل اڌ صديءَ کان وڌيڪ وقت کان جدوجهد ۾ مصروف آهن. ان عرصي ۾ ڪُردن سڀ کان وڌيڪ مزاحمت عراق ۽ ترڪي (هاڻي ترڪيه) ۾ ڪئي. عراق ۾ صدام دور کان پوءِ واري حڪومت ۽ ڪُردن جي وچ ۾ مفاهمت ۽ سرچاءُ ٿي ويو. ايران ۾ مختصر ڪُرد آباديءَ جو علائقو ايراني بلوچستان کان علاوه آهي. ايراني بلوچستان ۾ جندالله ڪئين ڏهاڪن کان سرگرم آهي. صرف جندالله ئي نه، قومپرست بلوچ به گريٽر بلوچستان لاءِ پاڪستاني بلوچستان جي بي ايل اي ۽ بي ايل ايف سان عملي تعاون ڪن ٿا. سال ڏيڍ اڳ ايران ۽ پاڪستان جي رياستن، ٻنهي ملڪن جي حدن ۾ قائم جندالله، بي ايل اي ۽ بي ايل ايف خلاف ڪارروائي ڪئي هئي. ان ڪارروائيءَ دوران ٻنهي ملڪن ۾ سفارتي ۽ واپاري رابطا منجمد ڪيا ويا ۽ ان کان پوءِ انهن جي بحالي عمل ۾ آئي هئي. ماضيءَ ۾ جندالله جي باني عبدالمالڪ ريگي مشهد مقدس ۾ دهشتگرديءَ جي هڪ وڏي واردات ۾ ايران کي گُهربل هو. ايرانين دُبئي کان لنڊن ويندڙ هڪ مسافر اُڏام کي پنهنجي فضائي حدن ۾ روڪي کيس گرفتار ڪري ورتو، مختصر ٻڌڻيءَ کان پوءِ عبدالمالڪ ريگي کي مشهد مقدس ۾ ڦاسي ڏني وئي. تڏهن ريگي جي ڀاءُ ۽ جند الله جو موقف هو ته، عبدالمالڪ ريگي جي “ريڪي” پاڪستاني ڳُجهن ادارن ڪئي، ۽ اُنهن ئي ايران کي ريگي جي دُبئي کان لنڊن روانگيءَ جي معلومات ڏني. عبدالمالڪ ريگي جي ڦاسيءَ کان پوءِ جندالله پاڪستان ۾ پلاند جي ڪارروائين جو اعلان ڪيو. مهراڻ بيس ڪراچي سميت ڪيترين ئي وڏين وارداتن ۾ جندالله جا ڪارڪن شامل ٿيا. پاڪستان ۾ جندالله جون سرگرميون جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ شروع ٿيون. رحيم يار خان سان تعلق رکندڙ حماد شاهه اُن جو آپريشنل ڪمانڊر هو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته، 11/9 کان پوءِ افغانستان ۾ دهشتگرديءَ جي انت واري آمريڪي مشن، جنهن ۾ نيٽو ملڪ به شريڪ هئا، واري عرصي ۾ جندالله پنهنجا تربيتي ڪيمپ افغانستان جي حدن ۾ منتقل ڪري ڇڏيا. هِي اُهي سالَ هئا جڏهن آمريڪا، پاڪستان تي ٻِٽا معيار اختيار ڪرڻ جو الزام لڳائيندو هو. پر خود آمريڪا جي سرپرستيءَ ۾ پاڪستان، ايران، وچ ايشيائي مسلم رياستن ۽ چيني مسلمان صوبن جي مزاحمتي هٿياربند تنظيمن کي تربيتي ڪيمپ قائم ڪرڻ جون سهولتون فراهم ڪيون ويون. تازو ئي بشار الاسد رجيم خلاف ڪامياب بغاوت جو ڪريڊٽ کڻندڙ “هئيت التحرير الشام” ۾ پاڪستان ۽ ايران جي ڪلعدم فرقي پرست تنظيمن (انهن ۾ جندالله، جيش محمد، لشڪر جهنگوي العالمي ۽ ٽي ٽي پي جماعت الاحرار نالي گروپ شامل آهن) جي ميمبرن جو وڏو تعداد موجود آهي. اهي پڻ اطلاع آهن ته، هئيت التحرير الشام جي لشڪرين، اسلامڪ موومينٽ ازبڪستان کان سواءِ چين جي مسلم صوبن جي موومينٽ آف اسلامي ايغور المعروف ترڪمانستان اسلامي موومينٽ سڏرائيندڙ عسڪريت پسند به شريڪ آهن. ايغور، ازبڪستان، پاڪستان، ايران وغيره سان تعلق رکندڙ انهن ويڙهاڪن جو مجموعي تعداد 8 کان 10 هزار ٻُڌايو پيو وڃي. شام کي بشار الاسد رجيم جي قبضي کان آزاد ڪرائي اسلامي انقلاب آڻيندڙ انهن غير عرب ويڙهاڪن جي حڪمتِ عملي تي ويچارڻ جي ضرورت آهي. مثال طور، بشار رجيم جي خلاف هڪ اهڙي وقت ۾ ٽئين ۽ ڪامياب بغاوت عمل ۾ آئي، جڏهن پوين لڳ ڀڳ ڏيڍ ٻن سالن کان اسرائيل غزا ۾ فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ۾ مصروف آهي. ڇا اهي ويڙهاڪ ان حقيقت کان اڻڄاڻ آهن ته هاڻوڪي شامي بغاوت جو سرپرست آمريڪا بهادر فلسطيني مسلمانن جي نسل ڪشيءَ ۾ مصروف اسرائيل جو ساٿي، ڀيچي ۽ سرپرست آهي؟
اسلامڪ موومينٽ آف ترڪمانستان جي حوالي سان اهو اطلاع پڻ تمام گهڻو اهم آهي ته، اُن جي ويڙهاڪن کي يوڪرائين ۽ روس جي هلندڙ جنگ دوران يوڪرائين ۾ تربيت ڏني وئي. صرف اهو ئي نه پر ڪُجهه ٻين شدت پسند ويڙهاڪ مسلمان تنظيمن جي “مجاهدين” جي پڻ يوڪرائين- روس جنگ ۾ آمريڪي ڪيمپ جي طرفان شرڪت جا اطلاع آهن. عرض ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته، عالمگير انقلاب اسلامي جي نشاته ثانيه جي شروعات شام جي سرزمين تي رقم ڪندڙ مسلمان ويڙهاڪ اسرائيل خلاف جهاد بدران ‘برادر ڪشي’ جي جهاد ۾ ڇو مصروف آهن؟ اهڙي ريت اها ڳالهه به ڌيان جوڳي آهي ته، گذريل ڪُجهه عرصي کان يورپ، برطانيا ۽ آمريڪا جي نام نهاد آزاد ميڊيا چيني ايغور مسلمانن جي حمايت ۾ سڀ کان اڳيان ۽ دعويدار آهي ته چين ۾ مسلمان اقليت ابتر زندگي گذاري رهي آهي. چين جي مسلمان اقليت جي انهن ميڊيائي همدردن کي غزا ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي ڇو نٿي نظر اچي؟ هڪ ڀيرو وري هنن سِٽن ۾ اهو عرض ڪرڻ ۾ ڪا به رنڊڪ ڪانهي ته، شام جي هاڻوڪي ڪامياب بغاوت جو اصل مقصد اسرائيل کي، بنا ڪنهن ٻئي جي ڀائيواريءَ جي عرب خطي جو مستقل ٿاڻيدار بنائڻ آهي. بهرحال، اها ڳالهه به پنهنجي جاءِ تي اهم آهي ته، هئيت التحرير الشام، جيڪا پاڻ به فرقيواراڻن بنيادن تي قائم آهي، ان ۾ شامل غير عرب ويڙهاڪن عقيدن جي مٿڀرائپ واري جنگ جو دروازو شام جي سرزمين تي کولي ڇڏيو آهي. آخر ان جو نتيجو ڇا نڪرندو؟
اهو سوال گذريل هڪ هفتي دوران دمشق ۾ فرقيواراڻن بنيادن تي پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعن جي حوالي سان اهميت رکندڙ آهي. انهن واقعن جي شروعات اهلِ بيت سڳورن سان تعلق رکندڙ ڪُجهه شخصيتن جي مزارن تي ويڙهاڪن جي نامناسب طرزِ عمل ۽ ڪارروائين سان ٿي. گذريل ڏينهن قتل ڪيل عالمِ دين سيد دائود بيطرف جي معاملي کي انهن واقعن کان ڌار ڪري نٿو ڏسي سگهجي. اهڙي ريت اهو سوال پڻ اهم آهي ته، اسلامڪ موومينٽ ترڪمانستان جي ويڙهاڪن کي يوڪرائين ۽ افغانستان کان شام پهچائڻ جي آمريڪي حڪمتِ عملي ۾ ترڪيه شراڪت ڇو ڪئي، ڇو ته ٻن اڍائي سالن کان اهو پئي چيو ويو ته، روس ۽ چين پاڪستان، ايران ۽ ترڪيه کي گڏ ملائي هڪ نئين عالمي ڪيمپ جوڙڻ جي ڪوشش ۾ آهن.