شال پنهنجي وطن ۾ سڌارو اچي

نت  نئون  ڪو  نغارو   وڄي

نياڻيون نه ڪسجن  حويلن اندر

ميرن ۽ پيرن لاءِ پاڻي ڪارو اچي

نهاري جيڪو ڪنهن جي حق ڏي هيڪر

ڪڍي هٿ تي تنهن کي اک جو تارو ڏجي

سالن کان پئي ھتڙي ڦريو فرعون آ

من ڪو مرد حضرت موسيٰ  پارو اچي

ڪيون ويٺا آھن ڪربل سڄي سنڌ کي

من ٿو مختار جو وري ڪو  وارو اچي

ويلهي لاءِ ويچاري بڻجي وهشيا وئي

مطلبين جي محلن ۾ ڪو مارو مچي

ظلم جي ظالم آ ڪئي انتها

من رهزن جي گهر ۾ راڙو اچي

لاهيو منصف جو چم ڪنهن چوڪ تي

ڏسو ڪيئن نٿو دور انصاف وارو اچي

مسجد، مندر محفوظ نه رهيو گرجا گهر

اڃان ڇو نٿو محشر جو ڪو اشارو اچي.

(فيس بوڪ تان ورتل)