لعلورائنڪ (ن پ ا) ناليواري شاعر عبدالغفار تبسم چيو آهي ته شاعر دلين جا ترجمان هوندا آهن، شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ وطن جي حب ۽ حقن جي حاصلات لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهن ٿا، اگر سنڌ اندر شاعر چاهين ته انقلاب برپا ٿي سگهي ٿو، ڪراچي سنڌ جي راڄڌاني آهي ان شهر ۾ سنڌين سان ناروا سلوڪ افسوس جوڳو عمل آهي سنڌي ماڻهن کي ايڪتا ڏينهن تي نه پر سنڌ جي هر اشوز تي گڏ ٿيڻ گهرجي. هتي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌي قوم هزارين سال پراڻي تهذيب رکندڙ قوم آهي، سنڌي ماڻهن کي حڪومت جي ٻي اکيائي واري ڪرت ڪيئي سال پٺتي ڌڪي ڇڏيو آهي، هن چيو ته سنڌ سان مسلمانيت جي نالي تي ويساهه گهاتيون ٿينديون رهن ٿيون، سنڌ ۾ مذهب جي نالي تي ڌاري آبادڪاري کي هٿي وٺرائي پئي وڃي، جيڪا ڳالهه سنڌي ماڻهن کي قابل قبول ناهي.