حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌي ادبي سنگت سنڌ گهر ڪئي آھي ته نامياري ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامي نگار آغا ظفر ۽ ڳڙھي ياسين ۾ سنگت جي سيڪريٽري شاعر شاهين سنڌي جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي. سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل پريل دايو، عورت جوائنٽ سيڪريٽري نذير ناز، جوائنٽ سيڪريٽري خاڪي جاني، خزانچي نعيم ملڪ ۽ ٻين چيو آھي ته شاعر ۽ قلمڪار قومن جا نمائندا ۽ آواز هوندا آھن جن جي سار لهڻ نه رڳو ادب سان سلهاڙيل شعبن پر ادب سان چاھ ۽ ساڃاھ رکندڙ فردن تي به فرض بڻجي ٿي.