ڄام شورو(رپورٽر) نامور عالم، شاعر ۽ لطيف شناس، سيد نجف علي شاهه ’ڪمتر‘ جي ورسي جي موقعي تي چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سيد نجف علي شاهه ’ڪمتر‘سنڌي نثر لکڻ ۾ ڪمال حاصل هئس، هن سڄي زندگي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جي تحقيق ۽ تدوين ۾ گذري. مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ چيو ته سندس وڏن بزرگن مان ڪيترا صاحبِ تصنيف ۽ شاعر ٿي گذريا آهن. سيد نجف علي شاهه ’ڪمتر‘ کي به اهو ادبي ۽ علمي ورثو خاندان کان مليو. سيد نجف شاهه ’ڪمتر‘ جي سڄي زندگي، سنڌي قوم ۽ سنڌ جي خدمت ڪندي گذري.مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ چيو ته نجف علي شاهه ’ڪمتر‘ شاهه لطيف جي ڪلام جو وڏو عاشق هو، رسالي جي لغت جو وڏو ڄاڻو هو، سندس لغت تي هڪ ڪتاب ”ٻاروچي ٻولي“ جو پهروين جلد شايع ٿيل آهي. سندس وارثن کان گهر ٿا ڪريون ته ڪتاب جو باقي حصو سنڌي ادبي بورڊ کي ڏين ته جيئن ان جي ڇپائي جو جوڳو انتظام ڪجي. سندس اوطاق تي شاهه لطيف جي بيتن تي بحث مباحثا ۽ مناظرا ٿيندا رهندا هئا. سندس خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو.