اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي اڳواڻ شازيه مري ۽ نفيسه شاھه قومي اسيمبلي جي مخصوص سيٽن تان استعيفا ڏئي ڇڏي. شازيه مري ۽ نفيسه شاھه عام  چونڊن ۾ جنرل سيٽ تي ڪاميابي بعد مخصوص سيٽن تان استعيفا ڏني. نفيسه شاھ اين اي 202 خيرپور تان  اڳوڻي وزير اعلي سنڌ سيد غوث علي شاھ کي شڪست ڏئي ڪامياب ٿي هئي جڏهن ته شازيه مري اين اي 209 سانگهڙ جي سيٽ تان جي ڊي اي اميدوار محمد خان جوڻيجو کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي. اليڪشن ڪميشن پاران جاري نوٽيفڪيشن مطابق پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شرميلا فاروقي ۽ سحر ڪامران مخصوص سيٽ تي قومي اسيمبليءَ جون ميمبر ٿي ويون آهن. ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن پنجاب اسيمبليءَ جي سيٽ پي پي 297 تان آزاد اميدوار خضر حسين مزاري جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.