اسلام آباد: سپريم ڪورٽ وفاقي وزير شازيه مري جي جعلي ڊگري جي بنياد تي نااهلي وارو ڪيس سنڌ هاءِ ڪورٽ اماڻي ڇڏيو آهي
عدالت رمارڪس ۾ چيو ته شازيه مري خلاف نااهلي جو ڪيس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اڳ ئي ٻڌڻيءَ هيٺ آهي
چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته سپريم ڪورٽ هاءِ ڪورٽ ۾ جاري ڪنهن ڪيس ۾ مداخلت نه ٿي ڪري سگهي
درخواست گذار ڪشن چند پارواڻي جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته شازيه مري لياري جي شازيه نالي هڪ ڇوڪريءَ جي ڊگري جعلي طور پنهنجي نالي ڪرائي، جعلي ڊگري کي پنهنجي ثابت ڪرڻ لاءِ شازيه مري 2002 ۾ ڪوڙو سڃاڻپ ڪارڊ به ٺهرايو
چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته شازيه مري 10 ڀيرا اسيمبلي ميمبر چونڊجي چڪي آهي، ڇا ايڏيون چونڊون کٽڻ بعد اها دعويٰ ٺهي ٿي ته سندس ڊگري جعلي آهي؟
چيف جسٽس چيو ته توهان جي موقف موجب ته هي ڏاڍو خوبصورت حادثو آهي ته هڪ ٻي شازيه مري ولد عطا مري به موجود آهي، ڇا توهان لياري واري شازيه مري کي عدالت مان سمن ڪرايو آهي؟
درخواست گذار جي وڪيل چيو ته اليڪشن ٽربيونل شازيه مري خلاف نااهلي واري ڪارروائي ختم ڪري ڇڏي آهي
جسٽس محمد علي مظهر چيو ته توهان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شازيه مري خلاف جاري ڪيس ۾ ڌر بڻجي وڃو، عدالت چيو ته اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي اثر انداز نه ٿيندو
هن کي به پڙهندا