اوٽاوا (انٽريسٽنگ نيوز) جيتوڻيڪ ڪجهه شين ٻين کي ڊڄ ۾ مبتلا ڪري ڀڄن تي مجبور ڪري ڇڏينديون آهن پر ڪجهه ماڻهو اهڙي موقعي تي تصوير ڪڍڻ پسند ڪندا آهن ۽ نقصان کڻندا آهن، اهڙو ئي ڪجهه ڪينيڊين شهري عورت سان ٿيو، جڏهن پاڻيءَ ۾ شارڪ کي ڏسي ڀڄڻ بدران اها ان جي تصوير ڪڍڻ لڳي ۽ انهيءَ دوران شارڪ سندس هٿن ۾ چڪ وجهي وڍي ڇڏيا، نٿالي راس نالي عورت ٽرڪس ڪي ٿامپسن ڪوو بيچ تي پاڻيءَ ۾ هئي، جڏهن اهو حملو ٿيو، نٿالي شارڪ جي حملي ۾ پنهنجا ٻئي هٿ وڃائي ويٺي، جڏهن ته شارڪ سندس ران ۾ به چڪ پاتو، عورت کي هوائي جهاز رستي فوري اسپتال آندو ويو ۽ اميد ڪئي پئي وڃي ته اها زنده بچي ويندي، واقعي بعد سرڪاري اهلڪارن سمنڊ ڪناري کي ان وقت تائين بند ڪري ڇڏيو، جيستائين ان ڳالهه جي تصديق نه ٿي وڃي ته شارڪ گهري پانيءَ ۾ هلي وئي آهي.