لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي مشهور ڪرڪيٽرن هڪ ڀيرو ٻيهر ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ واپسي لاءِ قدم کنيا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب، قومي ٽيم جي اڳوڻي آل رائونڊر شاهد آفريدي، انضمام الحق، محمد حفيظ، سهيل تنوير، سعيد اجمل، عمران نذير، شرجيل خان ۽ عمر اڪمل جهڙا وڏا نالا ٻيهر ايڪشن ۾ نظر ايندا. سڀئي رانديگر شارجه ۾ منعقد ٿيندڙ ٽيپ بال ايونٽ ۾ حصو وٺندا، جنهن ۾ ڪيترائي پرڏيهي ڪرڪيٽر پڻ شامل هوندا. انضمام الحق چيو ته پاڪستان ۾ هر ڪرڪيٽر پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ٽيپ بال ڪرڪيٽ سان ڪندو آهي، ۽ نئين ٽيلنٽ کي ميدان ۾ آڻڻ لاءِ هن طرف قدم کنيا ويا آهن. شاهد آفريدي چيو ته مون پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ٽيپ بال ڪرڪيٽ سان ڪئي ۽ ان کي ٻيهر تاريخي شارجه اسٽيڊيم ۾ کيڏڻ سان پراڻيون يادون ۽ ناقابل فراموش ڏينهن واپس ايندا.