اوريگن (انٽرسٽنگ نيوز) امريڪي گھوٽ ۽ ڪنوار لاءِ سندن شادي جو يادگار ڏينهن ڀوائتو ثابت ٿيو آهي. ڇو جو انهن ڪافي دوستن کي دعوت ڏني پر شادي ۾ صرف پنج مهمانن شرڪت ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي رياست اوريگن ۾ ٽڪ ٽاڪر ڪالينا ميري شادي جي شادي ۾ رڳو 5 مهمان آيا. گھوٽ شين ۽ ڪنوار ڪالينا پنهنجي شاديءَ تي صرف 5 مهمان اچڻ جي وڊيو پاڻ وائرل ڪئي، ڪالينا ۽ شين شاندار تقريب ذريعي پنهنجي دوستن ۽ مائٽن آڏو شادي ڪرڻ جو خواب ڏٺو هو. سوشل ميڊيا تي ڪنوار ڪالينا جي وڊيو وائرل ٿي رهي اهي جيڪا پنهنجي شادي جي تقريب ۾ داخل ٿئي ٿي ته اتي رڳو پنج مهمان موجود هجن ٿا. هن وڊيو شئير ڪندي لکيو ته هي اسان جي پنهنجي شادي تقريب م انتري جي وڊيو آهي جنهن ۾ صرف پنج مهمانن شرڪت ڪئي. منهنجو خواب هو ته جڏهن منهنجي شادي هال م انٽري ٿئي ته ماڻهن جو هڪ هجوم اسان جو خوشيءَ سان آڌرڀاءُ ڪري پر ان جي ابتڙ منهنجي شادي م صرف پنج ماڻهو هئا. هي اهڙي شادي نه هئي جنهن جو مون تصور ڪيو هو. ڪالينا ۽ شين گذريل 9 سالن کان گڏ رهن ٿا ۽ انهن جو هڪ پٽ به آهي. شادي ۾ هنن پنهنجي دوستن ۽ مائٽن کي دعت ڏني هئي. ڪالينا ۽ شين 75 ماڻهن کي ڊجيٽل ڪوٺ ڏني ۽ 25 کي خاص طور تي اي ميل اماڻي هئي.