ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي پاران بهبود آبادي(پاپوليشن) کاتي کي سنڌ ۾ آباديءَ تي ڪنٽرول لاءِ صوبي جي سمورين 1600 يوسيز ۾ بهبود آبادي سينٽر قائم ڪرڻ جو حڪم، سنڌ حڪومت کي شادي ڪندڙ جوڙن  لاءِ نڪاح نامي ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز ۽ ٿيليسيميا  ٽيسٽ لازمي قرار ڏيڻ جو خانو شامل ڪرڻ جي سفارش، صوبي ۾ رجسٽرڊ نڪاح خوانن کي نڪاح پڙهائڻ کان اڳ جوڙن جي ايڇ آءِ وي ايڊز ۽ ٿيليسيميا ٽيسٽ واري رپورٽ لازمي پڙهڻ جي هدايت، ڪالهوڪي اجلاس ۾ پاپوليشن ويلفيئر کاتي جي سال 2018ع کان سال 2020ع تائين آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو. اجلاس ۾ پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو پڇاڻو ڪيو ته سنڌ ۾ فيملي پلاننگ لاءِ کاتي وٽ ڪهڙو مڪينيزم آهي؟ جنهن تي کاتي جي سيڪريٽري حفيظ عباسي ٻڌايو ته کاتي جا سنڌ ۾ 900 پاپوليشن سينٽر آهن، جتي فيملي پلاننگ لاءِ 18 هزار ليڊي هيلٿ ورڪر  ڪم ڪري رهيون آهن، سنڌ جي 40 سيڪڙو علائقن ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن جي کوٽ آهي. هن ٻڌايو ته ليڊي هيلٿ ورڪرن جي ڀرتين لاءِ تعليمي گھُرج ميٽرڪ آهي، سنڌ ۾ يوسي سطح تي ميٽرڪ پاس ڇوڪرين جي کوٽ سبب ليڊي هيلٿ ورڪرن جون مستقل ڀرتيون نه ٿي سگهيون آهن. اسان ليڊي هيلٿ ورڪرن جي کوٽ جي پورائي لاءِ پي پي ايچ آءِ ٿرڊ پارٽي ڪمپنيءَ ذريعي ڪانٽريڪٽ تي ليڊي هيلٿ ورڪرن جون ڀرتيون ڪرڻ جي حڪمت عملي ٺاهي چڪي آهي. هن ٻڌايو ته سنڌ ۾ روزانو 11 هزار ٻار پيدا ٿين ٿا، جن جي ڊجيٽلائيزيشن رجسٽريشن اڃا تائين نه پئي ٿئي. جنهن تي نثار کهڙو چيو ته فيملي پلاننگ تي عمل ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ يوسي سطح تي پاپوليشن سينٽر قائم ڪيا وڃن. پي اي سي کاتي کي سنڌ ۾ 1600 يوسيز ۾ پاپوليشن سينٽر قائم ڪرڻ جو حڪم  ڏئي ڇڏيو،  نثار کهڙو کاتي کي هدايت ڪئي ته يوسيز آفيسن جي احاطي ۾ اِهي پاپوليشن سينٽر قائم ڪيا وڃن. اجلاس ۾ پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو پڇاڻو ڪيو ته شادي وارن جوڙن جو نڪاح پڙهائڻ کان اڳ ايڇ آءِ وي ايڊز ۽ ٿيليسيميا ٽيسٽ لازمي قرار ڏيڻ تي سنڌ ۾ ڪيترو عمل ٿي رهيو آهي؟ جنهن تي کاتي جي سيڪريٽري ٻڌايو ته شادي وارن جوڙن جي ميڊيڪل ٽيسٽ رپورٽ لازمي چيڪ ڪرڻ لاءِ نڪاح خوانن کي پابند بڻايو وڃي. جنهن تي پي اي سي سنڌ سرڪار کي نڪاح نامي ۾ شادي وارن جوڙن لاءِ ايڇ آءِ وي ايڊز ۽ ٿيليسيميا جي ٽيسٽ لازمي قرار ڏيڻ  واروخانو شامل ڪرڻ لاءِ سفارش ڪندي سنڌ ۾ رجسٽرڊ نڪاح خوانن کي نڪاح پڙهائڻ کان اڳ جوڙن جي ايڇ آءِ وي ايڊز ۽ ٿيليسميا ٽيسٽ رپورٽ لازمي ڏسڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.