لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي وڪيٽ ڪيپر بيٽر ڪامران اڪمل ۽ سندس گهرواري عائزه اڪمل پنهنجي شاديءَ جي دلچسپ ڪهاڻي شيئر ڪري ڇڏي. ڪامران اڪمل ويجهڙائي ۾ پنهنجي گهرواري سان گڏ هڪ نجي ٽي وي شو ۾ شرڪت ڪئي، جتي جوڙي پنهنجي شادي ۽ نجي زندگيءَ سميت مختلف موضوعن تي ويچار ونڊيا. عائزه اڪمل ٻڌايو ته سندن شادي گھر وارن طرفان طئي ڪئي وئي. هن چيو ته ”شادي کان اڳ منهنجو ڀاءُ ۽ ڪامران جو ڀاءُ عمر اڪمل ساڳئي اسڪول ۾ پڙهندا هئا ۽ گڏجي ڪرڪيٽ به کيڏندا هئا، سڀ کان پهرين منهنجي ڀاءُ ۽ عمر اڪمل کي اسان ٻنهي جي شاديءَ جو خيال آيو، جنهن کانپوءِ هنن والدين کي راضي ڪيو.“ عائزه اڪمل ٻڌايو ته ”منهنجي ڀاءُ جي حادثي کانپوءِ ڪامران جو پيءُ اسان جي گهر آيا، پوءِ هو پنهنجي گهرواري کي به وٺي آيو ۽ اسان جي شاديءَ جو فيصلو ٿي ويو.  شو دوران عائزه انڪشاف ڪيو ته” رشتو طئي ٿيڻ وقت ڪامران ڏاڍو مايوس هو. ان موقعي تي ڪامران اڪمل پڻ اعتراف ڪندي ٻڌايو ته ” مان ان وقت مايوس هئس ڇو ته مان ڪرڪيٽ تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ پئي چاهيو، هن چيو ته ” جڏهن مان ويسٽ انڊيز جي دوري تان موٽيس ته گهروارن ٻڌايو ته شادي جو فيصلو ٿي چڪو آهي، جنهن تي مان ڪاوڙجي پيس ۽ هڪ هفتي تائين رٺل رهيس، پر جڏهن پهريون ڀيرو عائزه سان مليس ته پنهنجو فيصلو بدلائي شاديءَ لاءِ راضي ٿي ويس. عائزه اڪمل ٻڌايو ته ” مون ڪامران اڪمل کي پهريون ڀيرو پنهنجي ڀاءُ جي اسڪول ۾ ڏٺو، جتي هو خاص مهمان طور آيو هو،

 

 

پر ان وقت مون کي هو بلڪل به نه وڻندو هو. هن چيو ته ” مون شادي کان انڪار به ڪيو هو ڇو ته مان پڙهائي جاري رکڻ پئي چاهي ۽ ٻيو ته مان ڪنهن ڪرڪيٽر سان شادي جي خواهشمند نه هئس.“ ان تي وضاحت ڏيندي ڪامران اڪمل چيو ته ”ان وقت عائزه سمجهندي هئي ته ڪرڪيٽرن جا افئيرز تمام گهڻا هوندا آهن، جيڪو سلسلو اڄ به جاري آهي، پر هاڻي کيس پڪ آهي ته مان هڪ سٺي ماڻهو سان زندگي گذاري رهي آهيان.“