شادي کان انڪار ٿي ڪرين؟ شاگردياڻي تي تيزاب حملو

0
616
شادي کان انڪار ٿي ڪرين؟ شاگردياڻي تي تيزاب حملو
شادي کان انڪار ٿي ڪرين؟ شاگردياڻي تي تيزاب حملو

ٽنڊوآدم: شاديءَ کان انڪار ڪندڙ ناريءَ تي مبينا طور تيزاب ۽ ڇريءَ سان حملو ڪيو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هوءَ زخمي ٿي پئي آهي

بڙدي پاڙي ۾ جوابدار نويد سومرو شادي کان انڪار ڪندڙ شاگردياڻي مسڪان سومرو جي گهر ۾ داخل ٿي مٿس حملو ڪيو

تيزاب ۽ ڇريءَ سان حملي  سبب ناريءَ جي ٻانهن زخمي ٿي پئي، متاثر شاگردياڻي جي دانهن تي جوابدار فرار ٿي ويو

تيزاب حملي ۾ زخمي ٿيل شاگردياڻي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي

متاثر ناري مسڪان سومرو ٻڌايو ته جوابدار مون کي شاديءَ لاءِ  تنگ پيو ڪري، جان جو خطرو آهي،  تحفظ ڏنو وڃي