ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) شهرين کي شادي جو دلاسو ڏئي ڪچي گهرائيندڙ ڌاڙيلن جي سهولتڪار عورت گرفتار، ان ڏس ۾ اي وي سي سي پوليس سهراب ڳوٺ مان تانيه عرف حنا خان عرف حنا بلوچ کي گرفتار ڪري ورتو. ايس ايس پي انيل حيدر موجب عورت جي قبضي مان هڪ سم هٿ آئي، جيڪا هني ٽريپ ۾ استعمال ٿيندي هئي، اها سم ڪشمور مان ٽي سي ايس ذريعي جوابدار عورت کي اماڻي وئي هئي. ايس ايس پي انيل حيدر موجب گرفتار عورت پاڻ کي ڌاڙيلن جي سربراهه ٻڍل شر جي زال سڏائيندي آهي. جاچ دوران عورت ٻڌايو ته هو ڪراچي شهر ۽ ٻين صوبن سان تعلق رکندڙ شهرين کي شادي جو دلاسو ڏئي ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، شڪارپور ۽ گهوٽڪي گهرائيندي آهي جتان ڌاڙيل انهن شهرين کي اغوا ڪندا آهن  ايس ايس پي موجب جوابدار عورت تازو محمد اياز کي ڪراچي مان شادي جو ڏٽو ڏئي ڪشمور گهرايو هو، جنهن جو ڪيس محمود آباد ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي.