پٿورو (ن پ ا) پٿوري ۾ شادي پلي جي ڳوٺ نيو کپري واسڻ حوا شيخ ٻن پٽن احمد علي ۽ مدد علي شيخ سان گڏجي ڌيءُ جي اغوا خلاف پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪيو، حوا شيخ دانھيندي چيو ته منهنجي 18ورهين جي ڌيءُ راڻي کي ٽي مھينا اڳ بااثرن ھٿيارن جي زور تي گھر مان اغوا ڪيو، ڪيس شادي پلي ٿاڻي تي داخل ڪرايو آھي پر ٽي مھينا گذري ويا آھن، پوليس ڪا به ڪارروائي نه ڪئي آھي، هن چيو ته خدشو آھي ته نياڻي کي قتل ڪيو ويو آهي، ھن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ سميت ٻين اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪيو ته نياڻي کي جلد بازياب ڪيو وڃي، ٻي پاسي شادي پلي پوليس جو چوڻ هو ته واقعي جو ڪيس داخل ڪيو آھي، ھڪ ڄڻي کي گرفتار ڪيو آهي، ناري ڪراچي جي ڪورٽ ۾ مرضي موجب شادي ڪرڻ ۽ مڙس سان گڏ رهڻ جو بيان ڏنو آھي.