شادي لارج (رپورٽ: صدام بلوچ) شادي لارج ۾ ڳوٺ کي باهه، پورهيتن جا 4 گهر سڙي ويا خبر موجب شادي لارج ڀرسان ڳوٺ پي ايف چڪ ۾ اوچتو باهه لڳڻ سبب پورهيت ڪرم خان لنڊ، نور حسن لنڊ، عمران لنڊ ۽ سانوڻ لنڊ جا گهر سڙي ويا، جڏهن ته باهه سبب گهرن ۾ پيل سمورو سامان به سڙي خاڪ جو ڍير ٿي ويو، ان سلسلي ۾ متاثر ڳوٺاڻن الزام هڻندي چيو ته اسان جي گهرن کي بااثر زميندار سليم مرزائي ڪمدارن هٿان باهه ڏياري ساڙايو آهي، هنن چيو ته زميندار سليم مرزائي جي بڇ تي باهه ڏيندڙ ڪمدار بچايو ملاح، جيٺو ڪولهي، هرچند ڪولهي ۽ ممتاز ملاح کي گرفتار ڪيو وڃي حقيقتون سامهون اچي وينديون، ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي کوسڪي پوليس ٻڌايو ته پورهيتن سان ڪنهن به قسم جي ناانصافي نه ڪئي ويندي، واقعي جي جاچ ڪريون پيا، جيڪڏهن الزام ثابت ٿيا ته گرفتاريون ڪري متاثرن کي انصاف مهيا ڪنداسين، جڏهن پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي الزام هيٺ آيل زميندار سليم مرزائي موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. زميندار جي ويجهن ذريعن نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته واقعي باهه ڏيارائي وئي آهي جنهن ۾ زميندار جا 4 ويجها ماڻهو ملوث آهن.