بدين/شادي لارج  (رپورٽر+ن پ ا) شادي لارج  ۾ باءِ پاس تي تيز رفتار ويگو گاڏي موٽر سائيڪل مٿان چڙهي وئي،نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ٽي ڄڻا دلبر ملاح ۽ ٻه عورتون سخت زخمي ٿي پيا، جڏهن ته 15 مهينن جي ٻارڙي فوت ٿي وئي، جن جو تعلق ڳوٺ ڪي ٽي سان ٻڌايو پيو وڃي، زخمين ۾ دلبر ملاح ۽ ٻن عورتن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، مقامي اسپتال ۾ ايمبولنس نه هجڻ ڪري زخمين کي وارث پنهنجي مدد پاڻ تحت بدين کڻائي ويا، شادي لارج پوليس واقعي واري هنڌ پهچي گاڏين کي تحويل ۾  وٺي ڇڏيو آهي.