شادي لارج (ن پ ا) شادي لارج ڀرسان ڳوٺ کاساري وٽ هاڪڙو پراڻ تي پل نه هجڻ سبب حادثا معمول بڻيل آهن، دودو پٽ مير محمد لنڊ هاڪڙو پراڻ ۾ ٻيڙي تان ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو، جڏهن ته 3 مهينن اندر ٻُڏي فوت ٿي ويلن جو انگ وڌي 9 ٿي ويو، فوت ٿي ويل دودو ڇٽ مير محمد لنڊ جي وارثن پنهنجي مدد پاڻ لاش ڪڍي احتجاج ڪيو، وارثن عبدالعزيز لنڊ، محمد لنڊ، علي لنڊ، شعيب لنڊ ۽ بين چيو ته 3 مهينن اندر 9 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي چُڪا آهن، ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪيا آهن پر هاڪڙو پراڻ تي پل نه اڏجي سگهي آهي، نوٽيس ورتو وڃي .