ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي بي باڪ اداڪارا مليڪا شراوت سنگل هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل انٽرويوءَ دوران مليڪا تصديق ڪندي ٻڌايو ته اِهو سچ آهي ته هو سنگل آهي، مڪمل اعتماد سان پنهنجي اڪيلائي قبول ڪري ٿي ۽ پاڻ کي آزاد محسوس ڪري ٿي. شادي جي سوال تي مليڪا شروات جو چوڻ هو ته ” هو شادي لاءِ ناهي ٺهي ۽ پر شادي جي خلاف به نه آهي، اهم اِهو آهي ته ٻه ماڻهو ڇا ٿا چاهين.“ ڳالهه ٻولهه دوران اداڪارا فرانسيسي ڪاروباري شخصيت سائرل آڪزين فينس سان ماضيءَ جي لاڳاپن تي ويچارڻ کان پاسو ڪندي چيو ته ” اڄوڪي دور ۾ هڪ قابل ماڻهوءَ جي ڳولا انتهائي ڏکيو ڪم آهي، هو ڌار ٿي چڪا آهن ۽ ان حوالي سان وڌيڪ ڳالهائڻ نٿي چاهي.“ فلم نگريءَ کان ٻه سال پري رهڻ بعد ” وڪي اور وديا ڪا وه والا وڊيو “ ذريعي واپسي تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي مليڪا شراوت جو چوڻ هو ته هوءَ جتي به وئي، کيس ساڳيو پيار ۽ اُها ئي عزت ملي. واضح رهي ته مليڪا شراوت جافرانسيسي بزنس مين سائرل سان ڪيئي ورهين کان رومانوي لاڳاپا رهيا. 2016ع ۾ پرڏيهي ميڊيا تي خبرون سامهون آيون هيون ته مليڪا سائرل سان ٻي شادي ڪري ورتي آهي. ان کان اڳ مليڪا 2000ع ۾ بالي ووڊ ۾ قدم رکڻ کان اڳ ڪرن سنگهه گِل سان پهرين شادي ڪئي هئي جيڪا ڪامياب نه ٿي سگهي هئي.