ڪراچي (شوبز نيوز) اڀرندڙ اداڪارا سحر خان چيو آهي ته في الحال شادي بابت ڪجهه ناهي سوچيو، منهنجو سمورو ڌيان ڪم تي آهي. هڪ انٽرويو ۾ سحر خان چيو ته کيس زندگي ۾ ڪڏهن به پيار ناهي ٿيو ڇو ته مان رشتن کان تمام گهڻي ڊڄندي آهيان. هن چيو ته دل جي ٽٽڻ کان ڏاڍو ڊپ ٿيندو آهي، جڏهن توهان ڪنهن کي وقت ڏيو ٿا ۽ آخر ۾ توهان کي دوکو ملي ٿو، اهو برداشت ڪرڻ ڏکيو آهي، پر دل ٽٽڻ به ضروري آهي. هن چيو ته مان چاهيان ٿي ته جنهن شخص کي مان پنهنجو وقت ڏيان اهو ان جو حقدار هجي، متان غلط ماڻهوءَ جي چونڊ ڪريان ۽ بعد ۾ پشيمان ٿيان. تنهن ڪري مان هاڻي انتظار ڪري رهي آهيان.