ڪراچي(شوبز نيوز) اداڪار فيروز خان جي اڳوڻي گهر واري عليزي سلطان فيروز خان کان طلاق کانپوءِ پهريون ڀيرو مداحن سان ڳالهائڻ لاءِ انسٽاگرام تي سوال جوابن جو سيشن رکيو جنهن ۾ هن پنهنجي نجي زندگي بابت ڪيترن ئي سوالن جا مثبت جواب ڏنا. هڪ مداح سوال ڪيو ته عليزي لاءِ طلاق کانپوءِ اڪيلي ٻارن جي پرورش ۽ اسان جي معاشري کي منهن ڏيڻ ڪيئن رهيو؟ جنهن تي عليزي سلطان جواب ڏنو ته جڏهن اوهان سان گڏ الله هجي، گهر وارن هجن ۽ چاهيندڙن جون دعائون ۽ محبتون هجن ته سڀ ٺيڪ ٿي ويندو آهي. هڪ واهپيدار سوال ڪيو ته ڇا طلاق کانپوءِ اوهان وڌيڪ پراعتماد ٿي ويون آهيون؟ جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته جڏهن اوهان جي بي قدري ڪندڙ ڪوبه نه هوندو آهي ته اوهان ٽڙي پوندا آهيو. هڪ ٻئي مداح عليزي کان ٻي شادي بابت پڇا ڪئي جنهن تي عليزي فاطمه چيو ته شادي اڌ دين آهي ۽ هر شيءِ پنهنجي وقت تي ٿي ويندي آهي.عليزي سلطان مداحن جا ٿورا مڃيندي چيو ته جيڪڏهن ڏکئي وقت ۾ اوهان جو ساٿ نه هجي ها ته زندگي ۾ اڳتي نه وڌي سگهان ها.