ڪراچي(شوبز نيوز) سينيئر اداڪارا فضيلا قاضي نوجوان شادي شده جوڙن کي شادي ڪامياب بڻائڻ لاءِ اهم مشورا ڏيندي چيو آهي ته شادي هڪ حساس رشتو آهي، جنهن ۾ ڌرين جي وچ ۾ لچڪ هجڻ ضروري آهي.هڪ مارننگ شو ۾ شرڪت دوران فضيلا قاضي چيو ته ”شاديءَ ۾ ٻه ماڻهو هڪ ٻئي کان مختلف پس منظر رکن ٿا، ان ڪري زال مڙس کي هڪ ٻئي کي سمجهڻ لاءِ ”اسپيس“ ڏيڻ گهرجي.هن جو چوڻ هو ته ضد ڪرڻ بدران لچڪ ڏيکارڻ سان رشتو مضبوط ٿيندو ۽ زندگي سڪون سان گذرندي.اداڪارا وڌيڪ چيو ته جوڙن طرفان ڪوڙ ۽ هوڏ تي قائم رهڻ وارو عمل رشتن ۾ ڏار وجهي سگهي ٿي، ان لاءِ ضروري آهي ته هڪٻئي جي ڳالهه کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي. ان موقعي تي فضيلا قاضيءَ جي مڙس ۽ اداڪار قيصر خان نظاماڻي به پنهنجي زال جي ڳالهه سان اتفاق ڪندي چيو ته ” گهر به هڪ ملڪ وانگر معاشي بنيادن تي هلي ٿو، تنهنڪري مرد کي گهرجي ته هو معاشي طور مضبوط هجي ته جيئن گهر بهتر طريقي سان هلي سگهي.“