حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي ٻنهي ڌڙن کي هڪ ڪرڻ جو اصولي فيصلو ٿي ويو آهي جڏهن ته باضابطه منظوري لاءِ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي ڪائونسل جو اجلاس 24 سيپٽمبر تي حيدرآباد ۾ طلب ڪيو ويو آهي. سنڌي ادبي سنگت جي ايڪي ۽ اتحاد لاءِ هڪ گڏجاڻي اديب محمد خان ابڙو جي صدارت هيٺ حيدرآباد جي هڪ مقامي هوٽل ۾ ٿي جنهن ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي سنڌ ڪائونسل جو اجلاس 24 سيپٽمبر 2023ع تي آچر ڏينهن حيدرآباد ۾ طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس بابت اطلاع، انتظام ۽ ان اجلاس کي سڏائڻ جو اختيار سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي هڪ ڌڙي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل تاج جويو کي ڏنو ويو. اجلاس ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته سمورن فيصلن جي آگاهي ۽ منظوري سنڌ ڪائونسل کان ورتي ويندي. سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو ۾ سٽي شاخ کي ضم ڪري سمورن ميمبرن کي دادو شاخ ۾ ميمبرشپ ڏني وئي. باڊھ ۾ سٽي شاخ کي ضم ڪري سنگت باڊھ شاخ جو سيڪريٽري سارنگ امر ۽ ڪائونسلر غلام محمد ڀٽي کي مقرر ڪيو ويو. جيڪب آباد ۾ ٻنهي شاخن کي گڏائي سنگت جيڪب آباد شاخ لاءِ سيڪريٽري گل مستوئي ۽ ڪائونسلر انتظار ابڙو کي مقرر ڪيو ويو. اهڙي ريت سنگت شاخ مومل جي ماڙي ۾ ٻنهي شاخن کي ملائي سيڪريٽري محمد يونس ڀٽو ۽ ڪائونسلر مير حسن ابڙو کي، سنگت شاخ ڀريا ۾ ٻنهي شاخن کي گڏائي سنگت شاخ ڀريا لاءِ سيڪريٽري راڻا شير محمد ۽ ڪائونسلر راڻا ستار کي، خانواهڻ ۾ سنگت جي ٻنهي شاخن کي ملائي سيڪريٽري ذوالفقار جلباڻي ۽ ڪائونسلر عاجز امتياز نوحپوٽو کي مقرر ڪيو ويو ۽ ضم ڪيل شاخ ۾ سمورن فردن کي ميمبرشپ ڏني وئي. مٺياڻي ۾ ٻنهي شاخن کي گڏائي سنگت شاخ مٺياڻي جو سيڪريٽري ڊاڪٽر برڪت ملڪ ۽ ڪائونسلر سيد جعفر شاھ، ڪنري ۾ سنگت جي ٻنهي شاخن کي ملائي سيڪريٽري احساس سمون ۽ ڪائونسلر ايوب گشڪوري، پنو عاقل سٽي شاخ، پنو عاقل شاخ، گلشن حديد جي ٻنهي شاخن ۽ مٽياري جي ٻنهي شاخن کي برقرار رکيو ويو جڏهن ته سنڌي ادبي سنگت خيرپور، لاڙڪاڻي، ٺُل ۽ سکر ۾ شاخن جا مسئلا 10 ڏينهن ۾ حل ڪرڻ جي ذميواري تاج جويو کي ڏني وئي. ڀٽ شاھ، اروڙ، کورواھ، سچل ڳوٺ، مقصودو رند ۽ کپرو شاخن کي به هڪ ڪيو ويو. ان کانسواءِ سعدي موساڻي شاخ کي سوڀو مگسي شاخ ۾ ضم ڪيو ويو. سنڌي ادبي سنگت جي ٻنهي ڌڙن پاران 2017ع کان 2023ع تائين ڏنل شاخن جي لسٽن کي اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو ۽ اهڙي آگاهي سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سنڌ ڪائونسل جي اجلاس کي به ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اُها لسٽ حتمي هوندي جنهن تي هڪ ڌڙي جي سيڪريٽري جنرل تاج جويو ۽ ٻئي ڌڙي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي صحيح ٿيل هوندي. اجلاس ۾ تاج جويي، ڊاڪٽر مشتاق ڦل، آزاد انور ڪانڌڙو، شبير سيال، فائزہ ايوب، خطائي ٿيٻو، اعظم ڀٽي، حسين سارنگ، مظهر خاصخيلي، رمضان ميمڻ، اياز لطيف دايو، اڳوڻي سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي، اڳوڻي سيڪريٽري جنرل يوسف سنڌي، زاهد راڄپر، نور چاڪراڻي، انور ساگر، محبوب سنڌي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ٻئي طرف اديب محمد خان ابڙي پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ٻنهي ڌرين لکت ۾ اقرار ڪيو آهي ته محمد خان ابڙو سنگت کي هڪ ڪرڻ جي حوالي سان جيڪو به فيصلو ڪندو ان کي قبول ڪيو ويندو.