سڳيون (ن پ ا) سڳيون جي بي ايڇ يو اسپتال ۾ هيپاٽائيٽس بي ۽ سي کان بچاءُ لاءِ مفت ويڪسين ۽ ان جون مفت ٽيسٽون ڪيون ويون، ان حوالي سان ڊاڪٽر جمن سهتو ٻڌايو ته ايم اين اي سيد جاويد علي شاهه جي تعاون سان ڊاڪٽرياڻين ۽ ڊاڪٽرن مفت طبي ڪئمپ قائم ڪرائي هيپا ٽائيٽس بي ۽ سي جي مفت ويڪسين ۽ ٽيسٽون ڪرايون آهن، هن چيو ته هن وقت تائين 6 سئو کان مٿي ماڻهن کي هيپا ٽائيٽس بي ۽ سي کان بچاءُ جي ويڪسين ڪئي وئي آهي. جن مان 40 ماڻهن جي ٽيسٽ پازيٽو اچڻ جي ڪري انھن جو مفت علاج جاري آهي.