سڳيون( ن پ ا) سڳيون ۾ بدامني عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو وڌندڙ بدامني  سبب شهري روڊن تي نڪري آيا سيال اسٽاپ وٽ ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن عابد علي چنا، غلام حيدر چنا، مستري امير بروهي، ديدار چنا، حڪم علي ڪلهوڙو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سڳيون ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ چورن رڻ ٻاري ڏنو آهي، سڳيون جي مين شاهي بازار مان نامعلوم چاٻي چور ڊرائيور عابد علي چنا جي 125 موٽر سائيڪل چوري ڪري آساني سان فرار ٿي ويا، جنهن جا بروقت سي سي ٽي وي فوٽيجز  پوليس کي ڏنا هئا پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، دڪانن، گهرن مسجدن اڳيان موٽر سائيڪل بيهاري نٿا سگهون هر روز چاٻي چور چوري ڪري آساني سان فرار ٿي وڃن ٿا، هنن ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي  سڳيون جو امن بحال ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.