سڳيون (ن پ ا) سڳيون ڀرسان ڳوٺ ڪمدار ميهر ڪلهوڙو ۾ 12 سالن جي نينگري نصرت ڌيءُ غلام مصطفيٰ ڪلهوڙو کي نانک ڪکي وڌو، جنهن کي بي ايچ يو سڳيون آڻي ويڪسين ڪرائي ويئي. نانگ ڪکيل نينگريءَ جي حالت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي. وارثن جو چوڻ آهي ته نينگري صبح سوير مسجد مان قرآن شريف جو سبق وٺي واپس گهر اچي رهي هئي ته رستي تي کيس نانگ ڪکي وڌو.