سڳيون/هنڱورجا (نمائندن وٽان) سڳيون واسي واپاري سميت 2 ڄڻا سلطان ڪوٽ ڀرسان ڌاڙيل هٿان اغوا، وارثن کان 80 لک ڀنگ طلب، وارثن جو احتجاج، خبر موجب سلطان ڪوٽ ڀرسان ڪوئيٽا کان سڳيون واپس ايندي رحمان ڀاڳت ۽ زوھيب عرف ذيشان چنو جي ڪار کي ڌاڙيلن زبردستي روڪي ٻنھي ڄڻن کي اغوا ڪري ورتو، ڌاڙيلن اغوا ٿيل نوجوانن جي موبائل نمبر تان فون ڪري وارثن کان 80 لک روپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي، وارثن ٻڌايو ته رحمان ڀاڳت کي سڳيون ۾ ڪپڙي جو دڪان آهي، سياري جي موسم جي حوالي سان هو ڪوئيٽا مان گرم ڪپڙا، جاڪيٽ ۽ ٻيو سامان کڻڻ لاءِ ويو هو، واپس ايندي سلطان ڪوٽ ڀرسان ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿي ويو، جن جي ڪار لاوارث حالت ۾ هٿ آئي آهي، هنن نوجوانن کي بازياب ڪرائڻ جي گهر ڪئي، هوڏانهن ھنڱورجا ۾ صحافي لالا اشفاق ڀاڳت جي ڀاءُ رحمان ڀاڳت ۽ زوھيب چنو جي بازيابي لاءِ صحافين ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو، ان موقعي تي هنن مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي گهر ڪئي.