سڳيون (ن پ ا)  سنڌو درياھ جو پاڻي لهڻ شرط ئي سڳيون جي ڪچي اندر مختلف ٻيلن جنهن ۾ نواڙو ٻيلو، ڀاڳت ٻيلو، موسو ٻگهيو ٻيلو، منگي ماڙي ٻيلو، ڇٽو چنو ٻيلو سميت ڪيترن ئي ٻيلن جي هزارين ايڪڙ زمينن تي  فصل ڪاهڻ شروع ٿي ويا، جڏهن ته ٻيلي کاتي عملدارن ڪابه ڪارروائي ناهي ڪئي، ان حوالي سان  سڄاڻ ڌرين ڳڻتي ظاهر ڪندي سپريم ڪورٽ پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته سنڌو درياھ جي ٻنھي پاسن کان ڪچي جي زمينن تي بااثر ماڻھن طرفان قائم ڪيل قبضا ختم ڪرايا وڃن.