جيڪب آباد: ايس ايچ او صدر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعو پراڻي سڱاوتي تڪرار  تان پيش آيو آهي، مقتولن جا مڙهه پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آهن وارثن پاران تدفين بعد ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ چيو ويو آهي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ تي چڙهائي ڪري شڪ جي بنياد تي ٻه ڄڻا گرفتار ڪيا ويا آهن جلد اصل جوابدارن کي قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو.