رپڙي(ن پ ا) جي يو آءِ پاران اعلانيل سنڌو بچايو سلسلي ۾ رپڙي جي جامع عربيه عطاءُ العلوم ۾ جلسو ٿيو، جنهن ۾ سريڪ ھزارين ماڻهن ڪينالن واري تڪراري منصوبي خلاف نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي راشد محمود سومرو خطاب ڪندي چيو ته پنجاب پنهنجا درياءَ کپائي 91 واري معاھدي جي ڀڃڪڙي ڪندي سنڌ جو 55 سيڪڙو پاڻي چوري ڪري رهيو آهي،طاقتور ڌريون پنجاب جي ريگستان کي سرسبز ڪري سنڌ کي بنجر بڻائي سنڌين کي بي روزگار بڻائڻ چاھن ٿيون، هن چيو ته 6 اپريل تي اسان منفرد احتجاج ڪري انهن کي  ٻڌائي ڇڏيو آهي ته سنڌ مظبوط ته پاڪستان مظبوط، اسان ڪنهن کي به پاڪستان توڙي سنڌ کي ڪمزور ڪرڻ نه ڏينداسون، اوھان جو منصوبو پاڪستان کي ٽوڙڻ جو ۽ اسان جو منصوبو پاڪستان جي انچ انچ جي حفاظت ڪرڻ جو آهي، هن چيو ته ٻڌي ڇڏيو ته جزيرن، وسيلن، ٻيٽن ۽ درياھن جا سودا ڪري ۽ قومن جا حق کسي اوھان پاڪستان کي ڪڏهن به مظبوط ڪري نٿا سگهو، ھنن اگر عقل کان ڪم نه ورتو، ھوڏ تان نه لٿا، ريگستان کي آباد ڪرڻ واري منصوبي تان ھٿ نه کنيو ته اسان جو اڳلو قدم سنڌ پنجاب جي بارڊر کي بند ڪرڻ هوندو.