اسلام آباد (بيورو رپورٽ)صحت بابت نگران وفاقي وزير جي هدايت تي وفاقي صحت وزارت وڏو قدم کڻي ورتو، صحت وزارت جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان مطابق صحت وزارت تمباڪونوشي جي روڪٿام جي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ڪارروائي ڪندي سگريٽ ٺاهيندڙ ڪمپنين کي نوٽيس جاري ڪيا آهن، مختلف ڪمپنيون سگريٽ جي اشتهاري ۽ هٿي ڏيڻ جي مهم ۾ ملوث آهن، صحت وزارت انهن ڪمپنين کي 10 ڏينهن اندر لکت ۾ وضاحت ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، غير تسلي بخش جواب جي صورت ۾ وڌيڪ قانوني ڪارروائي جي وارننگ به ڏني وئي آهي، صحت وزارت جي ترجمان مطابق فلپ مورس خيبر ٽوبيڪو ڪمپني، سيمسن گروپ نيشنل ٽوبيڪو ڪمپني، يونيورسل ٽوبيڪو ڪمپني، وطن ٽوبيڪو ڪمپني، رائل ٽوبيڪو ڪمپني ۽ سوونيئر ٽوبيڪو ڪمپني کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، تماڪو نوشي جي روڪٿام جي قانونن مطابق سگريٽ نوشي جي اشتهاري مهم ۽ پروموشنز جي اسڪيمن تي پابندي آهي، خلاف ورزي جي صورت ۾ ڏنڊ ۽ قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي، حڪومت سگريٽ نوشي جي روڪ ٿام جي لاءِ موثر قدمن کي يقيني بڻائي رهي آهي.