ملير (رپورٽ: ناز شر) سگا جون چونڊون: رفيق جعفري چيئرمين ۽ علي حسن بروهي سيڪريٽري جنرل ٿي ويا سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جون سال 27/2025ع لاءِ مرڪزي چونڊون اليڪشن ڪمشنر عشرت ميمڻ جي نگراني ۾ گڏاپ پبلڪ اسڪول ۾ ٿيون، جنهن ۾ سگا جي 90 شاخن جي 174 ووٽرن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو، چونڊ نتيجن موجب چيئرمين لاءِ رفيق احمد جعفري 98 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته اشفاق ميمڻ 75 ووٽ کنيا، وائيس چيئرمين جي عهدي تي خالد حسين چنا 89 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، رفيق سرهيو 84 ووٽ حاصل ڪيا، سيڪريٽري جنرل جي عهدي تي علي حسن بروهي 105 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، سندس مقابلي ۾ جاويد احمد انڙ 68 ووٽ کڻي سگهيو، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري تي بخش علي چانڊيو، ماليات سيڪريٽري تي نور محمد سيال، سيڪريٽري ايجوڪيشن منظور حسين اڄڻ، سيڪريٽري ڪلچر شهاب الدين شاهاڻي، سيڪريٽري انفارميشن احمد حسين پنهور، سيڪريٽري هيلٿ ڊاڪٽر محمد علي راهپوٽو، جڏهن ته سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي تي ڊاڪٽر مشتاق ڦل، پيرل خان کوسو، گلزار ڪلهوڙو، صفيه عباسي، صنم جوڻيجو ۽ ٻيا چونڊجي ويا.