حيدرآباد(بيورو رپورٽ)سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن حيدرآباد عورت شاخ جي سرپرست نظيرناز ،ڊاڪٽر اربيه ميمڻ، وحيده خضرقاضي، گل نساءَ ٽالپر، سورٺ، ريحانه آغا سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌو درياھ مٿان 6 نوان ڪينال ٺاھڻ کي رد ڪندي ڌرتي ڌڻين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي جدوجهد جو اعلان ڪيو آھي،ان موقعي تي هن چيو ته پاڪستان ٺھڻ کان وٺي سنڌ سان خاص طور پاڻي مامري تي ناانصافي ٿيندي رهي آھي سنڌ سدائين پنهنجي پاڻي جي حصي لاءِ سراپا احتجاج رهي آھي وفاق سنڌ جي احتجاج کي رد ڪندي پنهنجي مرضي مڙهي وئي آھي ۽ تازو به وفاق سنڌو درياھ مٿان سنڌ واسين جي مرضي کانسواءِ 6نوان ڪينال ٺاهڻ جو اعلان ڪرڻ کان اڳ تعمير شروع ڪري ڇڏي آھي جنهن سان سنڌ واسين ۾ سخت احساس محرومي پيدا ٿي وئي آھي ۽ سنڌ واسين جي زندگي ۽ موت جو مامرو بڻجي چڪو آھي.هن چيو ته سنڌو درياھ 7ڪروڙ سنڌي قوم جي جياپي جو ذريعو آھي جيڪڏهن 6نوان ڪينال ٺھيا ته سنڌ جي عوام پاڻي ڦڙي کان محروم ٿي ويندي. هن ته پاڻي مامري سوڌو سنڌ حقن جي حاصلات واري تحريڪ ۾ اسان سنڌجون مائرون،ڀينرون پنهنجي ٻچن ۽ ڀائرن سان هر موڙ تي گڏ آھيون.هن وفاق کان مطالبو ڪيو ته سنڌو مان نوان ڪينال ڪڍڻ وارو منصوبو جلد رد ڪيو وڃي.