ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سگا جي اڳوڻي چيئرپرسن مهتاب اڪبر راشدي ۽  مرڪزي ڪاميٽي جي ميمبر پروفيسر سليم ميمڻ جي استعيفا منظور، علي حسن بروهي نئون چيئرمين چونڊجي ويو، ٻوڏ متاثرن جي مدد  لاءِخرچ ڪيل  2 ڪروڙن ۽ سگا پروگرام تي خرچ ڪيل 60 لک رپين جي آڊٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته سگا جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي  جي ميمبر  سليم ميمڻ خلاف بي اعتمادي جي رٿ تي سگا ۾ اختلاف پيدا ٿيا هئا، جنهن بعد سگا جي چيئرپرسن مهتاب  اڪبر راشدي اجلاس  مان اٿي هلي وئي هئي،  ٻئي ڏينهن تي  هن پنهنجي استعيفا اماڻي  هئي، ساڳئي ريت پروفيسر  سليم ميمڻ پڻ پنهنجي استعيفا اماڻي  هئي، سينٽرل ڪاميٽي جي اجلاس ۾ صر ف  ٻن ميمبرن استيعفا قبول نه ڪرڻ جي تجويز ڏني، باقي ميمبرن جو چوڻ هو ته استعيفائون قبول ڪري اڳتي وڌڻ گهرجي، جنهن بعد ٻئي استعيفائون قبول ڪري علي حسن بروهي کي نئون چيئرمين  مقرر ڪيو ويو، جنهن کي ڊاڪٽر سليمان شيخ عهدي جو حلف کڻايو، جڏهن ته پبلڪ اسڪول گڏاپ جي نئين  بورڊ جي جوڙجڪ ڪندي بخش علي لاکو کي بي او جي جو چيئرمين چونڊيو ويو،