چيگوراماز (اسپورٽس نيوز)  ويسٽ انڊيز ۾ جاري سڪسٽيز ٽورنامينٽ کي دلچسپ بڻائڻ لاءِ راند جا ضابطا به تبديل ڪيا ويا آهن، هر ٽيم کي 6 وڪيٽون هونديون ۽ پهرين 12 بالن تي هڪ ڇڪو بيٽنگ ڪندڙ ٽيم کي اضافي پاور پلي اوور ڏيندو. ٽورنامينٽ 24 کان 28 آگسٽ تائين سينٽ ڪٽس اينڊ نيوس ۾ کيڏيو ويندو.ياد رهي ته هن ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان جا به چار رانديگر حصو وٺندا، جن ۾ فاسٽ بالر محمد عامر، آل رائونڊر عماد وسيم، وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين اعظم خان ۽ انڊر 19 جو ڪپتان قاسم اڪرم شامل آهن.