سڪرنڊ(ن پ ا) سڪرنڊ ۾ پروفيسر صدر الله لنڊ تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻن ۽ سوين ڳوٺاڻن احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي پروفيسر صدر الله جي گهرواري خوشبو لنڊ، ياسمين ٿيٻو، زين ڀٽو، ايوب کوسو، مصطفيٰ ڪيريو، علي سومرو، ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي نياڻين پنهنجي سنڌ وطن لاءِ هميشه سرن جا سودا ڪيا آهن، صدر الله لنڊ کي سنڌ ۽ سيد سان محبت ڪرڻ جي سزا ڏني وئي آهي، هنن چيو ته اسان ڪنهن به صورت ۾ جهڪنداسين نه پروفيسر صدر الله لنڊ کي ايس يو پي سان همدردي ڪرڻ تي پ پ سان لاڳاپيل بااثر پاران ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي گرفتار ڪرايو ويو آهي، ڇو ته سندس گهرواري حڪمران ڌر جي بااثر ڌرين جي سامهون مهاڏو اٽڪائيندي بلدياتي اليڪشن ۾ بيٺي هئي، هنن چيو ته ٽن مهينن کان سندس ضمانت نه ٿي رهي آهي، هو هڪ باشعور تعليم يافته پروفيسر آهي، کيس سنڌ سان محبت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڪوڙا ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرايو ويو آهي، هنن پروفيسر کي آزاد ڪرڻ جي گهر ڪئي.