سڪرنڊ/ڪراچي (نمائندن وٽان) سڪرنڊ ۾ چار ڏينهن اڳ ٽرانسفارمر ڦاٽڻ سبب زخمي ٿيل هڪ نينگر فوت، ٻن جي حالت نازڪ، وارثن ۽ سياسي سماجي تنظيمن جو ٿاڻي آڏو لاش  رکي 3 ڪلاڪ ڌرڻو، 6 حيسڪو عملدارن خلاف ڪيس داخل، صوبائي وزير نوٽيس ورتو، خبر موجب 4 ڏينهن اڳ سڪرنڊ شهر جي حسين آباد ڪالوني ۾ تازو مرمت ٿيل ٽرانسفارمر ڌماڪي سان ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ 3 معصوم ٻارڙا 12 سالا ديپڪ ولد جگو مل جنڊاوڙو، 11 سالا رتن ولد پنهون جنڊاوڙو ۽ 15سالا ساگر ولد مگو جنڊاوڙو سڙي زخمي ٿي پيا هئا، جن کي نوابشاهه بعد ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، جتي 12 سالا ديپڪ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، نينگر جو لاش سڪرنڊ آندو ويو، جتي سندس والد جگو مل ۽ ايس يو پي اڳواڻ فلڪ شير سميت سياسي سماجي تنظيمن پاران ٿاڻي اڳيان نٽهڻ اس ۾لاش رکي 3 ڪلاڪ  ڌرڻو هنيو ويو، اڳواڻن چيو ته واپڊا عملي جي غفلت سبب واقعو ٿيو، معاملي جي جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، بعد ۾ پوليس ڳالهيون ڪري مظاهرين کي خاطري ڪرائي ته توهان جي مرضي مطابق ڪيس داخل ڪيو ويندو، جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو، نينگر جي والد جگو جنڊاوڙو جي فرياد تي ايس اي حيسڪو سرڪل نوابشاهه رشيد احمد انصاري، ايڪسيئن ديدار حسين چنا، ايس ڊي او سڪرنڊ راجا ڳاهو، لائين سپريٽينڊنٽ شاهنواز ٻرڙو، پرائيويٽ مستري امين ۽ زاهد حسين خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اڃا تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي، هوڏانهن سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ واقعي جو نوٽيس ورتو، هن حيسڪو چيف سان رابطو ڪري کيس واقعي جي فوري انڪوائري ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي، صوبائي وزير جي ترجمان جو چوڻ هو ته امتياز شيخ حيسڪو چيف کي هدايت ڪئي ته زخمي ٻارن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن،