سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ۾ ٻاٺو شاخ جي آبادگارن پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي آبادگارن بچل ڪيريو، محمد خان گدارو، علي شير ڪيريو، مختيار ڪيريو، سڪندر لغاري ۽ ٻين چيو ته هڪ مهيني کان ٻاٺو شاخ ۾ پاڻي ناهي آيو، جنهن ڪري فصل سڙي رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي ڏئي مسئلو حل ڪيو وڃي.