سڪرنڊ (رپورٽ: نياز چانڊيو) سڪرنڊ شھر جي  سڪندر حيات رند  ڪالوني ۾ وحشي صفت جوابدارن ڪولھي برادري جي پورھيتن جي گھر ۾ داخل ٿي ننڍ ستل معصوم ٻارڙي وجي ڪمار کي اغوا ڪرڻ بعد گھر ڀاتين جي جاڳي پوڻ سبب جوابدارن جو پيڇو ڪرڻ کانپوءِ نامعلوم جوابدارن ڪالوني ڀرسان وھندڙ شھباز شاخ ۾ اڇلائي ڇڏيو جنھن کانپوء پوءِ وارثن پاران ٻارڙي جي ڳولا بعد  وجي ڪمار جو مئل حالت ۾ لاش شھباز شاخ مان ھٿ ڪيو جنھن کانپوءِ ٻارڙي جو لاش تعلقا اسپتال سڪرنڊ آندو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران ٻارڙي جي فوتگي جي تصديق ڪئي. ان موقعي تي ٻارڙي جي مامي بادشاھ ڪولھي ٻڌايو ته ننڍ ۾ ستل ھئاسين ته اچانڪ نامعلوم جوابدار آيا ۽ منھجي ڀاڪر ۾ ستل منھجو ڀاڻج وجي ڪمار کي کنيو ۽ آئون جاڳي پيس ۽ جوابدارن جو پيڇو ڪيو ته جوابدارن منھجي ڀاڻج کي شھباز شاخ ۾ اڇلائي ڇڏيو جنھن کانپوء پوءِ شاخ ۾ ڳولا ڪئي ته سندس لاش مليو. ٻئي پاسي ٻارڙي جي ماءُ ۽ ناني اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪندي چيو ته ظالمن ظلم ڪيو آهي اسان مسڪين پورهيت آھيون ۽ اسان جي ڪنھن سان ڪابہ دشمني ناهي واقعي جي جاچ ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.