سڪرنڊ ۾ نوجوان غربت کان تنگ اچي آپگهات ڪري ڇڏيو

0
28
سڪرنڊ ۾ نوجوان غربت کان تنگ اچي آپگهات ڪري ڇڏيو
سڪرنڊ ۾ نوجوان غربت کان تنگ اچي آپگهات ڪري ڇڏيو

سڪرنڊ(ن پ ا) سڪرنڊ ۾ نوجوان غربت کان تنگ اچي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، گهر مان لاش هٿ، خبر موجب شهر جي محرابپور روڊ واسي نوجوان جاويد شيخ جو گهر مان ڦاهو کاڌل لاش هٿ ڪيو ويو، اطلاع تي پوليس وپهچي لاش تعلقه اسپتال سڪرنڊ منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، فوتي جي گهرواري حسينه شيخ ٻڌايو ته سندس مڙس جاويد شيخ پنهنجو پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري غربت ۽ گهرو پريشانين سبب ڦاهو کائي خودڪشي ڪئي آهي، هن چيو ته اسان کي معصوم ٻچا آهن، مان کين ڪيئن پالينديس، پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.