سڪرنڊ (ن پ ا) ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار پاران “اچو ته  نئين سنڌ اڏيون” جي عنوان سان ثقافتي ڏھاڙو ملهائڻ واري اعلان کان پوءِ سنڌ سميت سڪرنڊ ۾ ڀرپور موٽ ملڻ لڳي، جڏهن  سڪرنڊ ڀرسان پنج ميل اسٽاپ وٽ  سنڌ جي ثقافت جي ڏھاڙو ملهائڻ تي علي قاضي جي ساراهه  ڪئي وئي، ان  موقعي تي  سماجي اڳواڻن ۽ صحافين  پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي سڏ تي ڪچهري ڪوٺائي، جنهن ۾ سماجي اڳواڻن، شاعرن، ڳوٺاڻان وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. هر طرف ثقافت جا رنگ نروار، شاعرن شاعري ذريعي سنڌ ڌرتي کي ڀيٽا پيش ڪئي. ميزبان شبير راجپوت ۽ اعظم راول پاران آيل مهمانن کي سنڌي اجرڪن جا تحفا ۽ سنڌي کاڌن سان مهمان نوازي ڪئي وئي. ان موقعي تي يونين آف جرنلسٽ شهيد بينظيرآباد جي عهديدارن کي آجياڻو پڻ ڏنو ويو. ڪچهري کي خطاب ڪندي صحافي منظور ٻگهيو چيو ته ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي  اخبار پاران اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي اعلان تي اسان سنڌ ڌرتي جي جوانن کي خوشي آهي، سنڌ ڌرتي امن ۽ ڀائيچاري جي ڌرتي رهي آهي جتي انسانيت ۽ محبت جو درس ملي ٿو. سنڌ جي ماڻهن ٻاهر کان آيلن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون پر هنن هميشه پٺي ۾ ڇرو هنيو آهي. صحافي امتياز ڪيريو چيو ته اسان کي پنهنجي سنڌ ڌرتي ۽ ثقافت عزيز آهي.