سڪرنڊ(ن پ ا) سڪرنڊ ۾ سنڌ جي مختلف علائقن جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل اوڏ برادري جي سوين معززن جو ڪنوينشن ٿيو، جنهن ۾ سنڌو درياهه مٿان ڪئنال اڏڻ خلاف مذمتي قراداد منظور ڪري تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو، ڪنوينشن فلڪ شير اوڏ جي ميزباني هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختيار اوڏ، بهادر اوڏ، پروفيسر نيڻو مل، ڊي ايس پي هيمن داس، پپو مل، استاد سيتل مل، رانجهن مل، مولچند، استاد عمر مل، ڊاڪٽر دلچند، راهول اوڏ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جي ماڻهن جو آخري جياپو آهي، ان مٿان ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيا ويندا، گرين پاڪستان جي نالي تي سنڌ کي سڪائڻ جي سازش بند ڪئي وڃي، هنن چيو ته اقليتن کي هر تعلقي سطح تي قبرستان لاءِ سرڪاري سطح زمين ڏني وڃي، اڪثر هندو برادري کي قبرستانن ۾ دفن نه ٿو ڪرڻ ڏنو وڃي، سنڌ اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ اوڏ برادري کي نمائندگي ڏني وڃي.