سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ۾ ارڙي خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري وئي، چئن ڏينهن دوران 3 ٻارڙا فوت، ڪيترائي موذي مرض ۾ مبتلا، خبر موجب علائقي ۾ ارڙي خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري وئي آهي، ان ڏس ۾ عباسي ڳوٺ ۾ چئن ڏينهن دوران 3 ٻارڙا ارڙي وگهي فوت ٿي ويا، فوت ٿيل ٻارڙن ۾ 12 سالا سهانا عباسي، 2 سالا شاهه زمان عباسي، 3 سالا نصيران شامل آهن، جڏهن ته خوشبو، وحيد، شبير احمد، انعم، ذڪيه ۽ ٻيا بيماري ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، ٻارڙن جي والدين علي حسن، استاد الهڏنو عباسي ۽ ٻين ٻڌايو ته ٻارڙن کي ارڙي ٿي آهي، وس آهر علاج ڪرائي رهيا آهيون، هوڏانهن ڊبليو ايچ او جي ٽيڪنيڪل آفيسر ڊاڪٽر ارشاد ٻڌايو ته ٻارڙن ۾ ارڙي ڦهلجي وئي آهي، جنهن جو علاج آهي پر ٻارڙن جا والدين راضي نه پيا ٿين هو ڌاڳن ڦيڻن کي اهميت ڏئي رهيا آهن، اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر نصير ميمڻ ٻڌايو ته بيماري ڦهلجي وئي آهي، جنهن ۾ 3 ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن، اڄ ويڪسين لاءِ ڄاڻايل ڳوٺ ۾ ميڊيڪل ڪئمپ لڳائينداسين.