سڪرنڊ: ڪچو شراب واپرائيندڙ وڌيڪ 2 ڄڻا فوت، ايس ايچ او سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل

0
31
سڪرنڊ: ڪچو شراب واپرائيندڙ وڌيڪ 2 ڄڻا فوت، ايس ايچ او سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل
سڪرنڊ: ڪچو شراب واپرائيندڙ وڌيڪ 2 ڄڻا فوت، ايس ايچ او سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل

سڪرنڊ (رپورٽ: نياز چانڊيو) سڪرنڊ ويجهو ڪچو شراب واپرائڻ سبب وڌيڪ 2 ڄڻا فوت، فوتين جو انگ وڌي 6 ٿي ويو، معطل ايس ايچ او سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل، هڪ گرفتار، خبر موجب ڪچو شراب واپرائڻ سبب وڌيڪ 2 ڄڻن دم ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 6 ٿي ويو آهي، ڪالهه ڳوٺ امام بخش بروهي واسي 47 سالا پورهيت بالاشير بروهي ۽ ڳوٺ ارباب اسٽاپ واسي 30 سالا بشير احمد زرداري فوت ٿي ويو، هوڏانهن ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد جي هدايت تي پنهل خان چانڊيو ٿاڻي تي ايس ايچ او سردار عمراڻي جي فرياد تي منشيات وڪرو ڪندڙ دلبر کوسو، عنايت عرف اوني کوسو، معطل ڪيل ايس ايچ او محمد جاويد اقبال راجپوت خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس ڪارروائي ڪري مک جوابدار دلبر کوسو کي گرفتار ڪري ورتو آهي، 6 ڄڻن جي فوت ٿيڻ واري واقعي بعد پوليس مختلف جڳهن تي ڇاپا هڻي ڪجهه منشيات فروشن کي گرفتار ڪيو آهي، علائقي جي سياسي سماجي ڌرين جو چوڻ آهي ته فوري طور منشيات بند ڪرائي منشيات فروشن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻئي پاسي گرفتار جوابدار دلبر کوسي ٻڌايو ته ٺرو وٺي وڪرو ڪندا ھياسين پر افسوس ٿيو آهي اهو زهريلو ٿي ويو، جنهن به پيتو آهي ته اهو بيھوش ٿي فوت ٿي ويو.