سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ويجهو هڪ سال اڳ زمين جي مالڪي تان جلباڻي ۽ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي ۾ هڪ ڄڻي جي قتل ۽ 5 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ واري مامري جو نبيرو ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي غلام مصطفيٰ شاهه، سردار چانڊيو، سردار جلباڻي جي سرپئنچي ۾ ڳوٺ محرابپور ۾ سيد هائوس تي ٿي گذريو، پورهيت رسول بخش چانڊيو جو قتل ثابت ٿيڻ تي شعبان علي ۽ عمران گڊو جلباڻي ڌر مٿان 69 لک روپيا ڏنڊو وڌو ويو، جڏهن ته 5 ڄڻن کي زخمي ڪرڻ جو 15 لک روپيا ڏنڊو وڌو ويو، جلباڻي ڌر ڳوٺ لڌو چانڊيو وڃي چانڊيا ڌر کان تڏو بخشرائيندي، فيصلي بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون.