سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ويجهو سرهاڙي روڊ تي ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ بنگل خان ڏهيو جا رهواسي 40 سالا مسمات عزيزان ۽ سندس 4 سالا پٽ محبوب علي ڏهيو فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ ڄڻو صدام ڏهيو زخمي ٿي پيو، فوتين جا لاش تعلقه اسپتال سڪرنڊ آندا ويا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، ماءُ پٽ جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.