سڪرنڊ(ن پ ا) سڪرنڊ ڀرسان مڏ ٺوڙهو ٻيلي ۾ ٻيلي کاتي جي سرڪاري زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ فاريسٽ آفيسر اصغر چانڊيو، رينجر يونس چانڊيو پنجن ٿاڻن جي پوليس ساڻ ڪري آپريشن ڪيو، آپريشن دوران 250 ايڪڙ ٻيلي کاتي جي زمين تان قبضو ختم ڪرائي لڳل سولر پليٽون ۽ ٻيو سامان قبضي ۾ ورتو ويو، فاريسٽ آفيسر ٻڌايو ته ڪچي جي زمين تي مختلف بااثر ماڻهن پاران قبضو ڪيو ويو هو جنهن لاءِ عدالتي حڪم تي آپريشن ڪيو ويو.