سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ڀرسان جوابدار پاران نوجوان ناري سان زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش، رپورٽ داخل، وارثن جو احتجاج، خبر موجب ڳوٺ چوٿون ميل اسٽاپ واسي گل حسن نوناري ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته سندس ڀائيٽي طيبه سان رات جي وقت پاڙي جي نوجوان عمر نوناري گهر  ۾ گهڙي زبردستي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ناري جي رڙين تي جوابدار فرار ٿي ويو، ٻئي پاسي ناري ۽ سندس ماءِ رشيدان ميڊيا کي ٻڌايو ته عمر گهر  ۾ گهڙي زبردستي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جوابدار موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.