سڪرنڊ(ن پ ا) سڪرنڊ ٿاڻي جي لاڪپ ۾ پنج ڏينهن اڳ فوت ٿيل محمد نواز زرداري جي ڪيس ۾ گرفتار ٿيل سڪرنڊ ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايچ او مٺل ککراڻي، وڏي منشي عارف کوسو، محسن بلوچ جو 4 ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ بعد نوابشاهه کان ٻيهر سخت سيڪيورٽي ۾ سڪرنڊ جي سول جج ارشاد علي خاصخيلي جڊيشل ماجسٽريٽ 11 جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. گرفتار جوابدارن وڪيل معرفت عدالت کي چيو ته ڪيس جي جاچ پوليس حوالي ڪئي وڃي، ايف آءِ اي حوالي نه ڪيو وڃي، فريادي ڌر جي وڪيل عدالت کي چيو ته اسان کي پوليس جي جاچ تي اعتماد نه آهي، ڪيس جي جاچ ايف آءِ اي حوالي ڪئي وڃي، جنهن بعد عدالت پاران فريادي ڌر جي وڪيل جي استدعا تي محمد نواز زرداري جي قتل جو ڪيس وڌيڪ جاچ لاءِ ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، عدالت ۾ موجود گرفتار جوابدارن چيو ته اسان بي قصور آهيون ڪو به تشدد نه ڪيو آهي، محمد نواز لاڪپ ۾ دل جي دوري سبب فوت ٿيو آهي، ڪيس جي فريادي اسد نواز زرداري چيو ته اسان کي پوليس جي جاچ تي اعتماد نه هو ان لاءِ اسان ڪيس جي جاچ ايف آءِ اي حوالي ڪرڻ جي درخواست ڪئي عدالت اسان جي درخواست منظور ڪئي.